دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن ” عزم استحڪام “ ضروري آهي

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج جي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ملڪي سلامتي جي گڏيل صورتحال جو جائزو وٺندي ” عزم استحڪام“ جي مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اختيار ڪيل حڪمت عملي جي سلسلي ۾ اهم قدم قرار ڏنو.پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، جي صدارت هيٺ 265 هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي.فورم امن ۽ استحڪام لاءِ شهيدن، پاڪ فوج، ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پاڪستاني شهرين جي لازوال قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪيو .پڌرائي موجب، فورم ملڪي سلامتي جي مجموعي صورتحال جو جائزو وٺندي ” عزم استحڪام “ جي مختلف رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.فورم ملڪ ۾ پائيدار استحڪام ۽ معاشي خوشحالي لاءِ آپريشن عزم استحڪام کي دهشتگردي ۽ غيرقانوني سرگرمين جي ڳٺ جوڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ وقت جي اهم گهرج قرار ڏيندي ڪجهه حلقن طرفان آپريشن بابت بنا سبب واويلا، تنقيد ۽ مخصوص مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ افواهن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.فورم علائقائي سلامتي خاص طور افغانستان جي صورتحال بابت غور ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ جو عزم ورجايو.ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ڪشيمر ۽ فلسطيني عوام سان ايڪي جو اظهار ڪيو ويو ۽ ڪشمير ۽ غزا ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين، جنگي ڏوهن ۽ نسل ڪشي تي مذمت جو اظهار ڪيو .ان موقعي تي چيف آف آرمي اسٽاف چيو ته پاڪ فوج تمام اندروني ۽ ٻاهرين چئلينجز کي ناڪام بڻائڻ لاءِ هميشه تيار رهي آهي.هن پيشيوراڻي مهارتن ۽ آپريشنل تيارين جي اعليٰ معيار کي برقرار رکڻ تي زور ڏيندي چيو ته مختلف چئلينجز باوجود پاڪ فوج پاڪستان جي استحڪام ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو