لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته دهشتگردي جي تازي لهر پي ٽي آءِ چيئرمين جي دور کان شروع ٿي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پيپلز پارٽي جو موقف هميشه لاڳيتو رهيو آهي. جيڪو جنوري جو بيان ڏنو آهي منهنجو خيال آهي ان کي مڃڻ گهرجي. اعلان ڪريان ته پنهنجي پراڻي تڪ تان اليڪشن وڙهندس. هن چيو ته جيڪي ماڻهو ملڪي مفاد لاءِ آهن. ۽ جيڪي ملٽري حساس هنڌن تي حملو ڪيو. انهن کان علاوه ٻين ڪائي پابندي ناهي. جڏهن ڪلين ٿيندا ته اهي اليڪشن ۾ حصو وٺندا. ٻي صورت ۾ سڀ هڪجهڙا آهن. پ پ اڳواڻ چيو ته اسان جڏهن ٻين ملڪن ۾ وڃون ٿا ته ويزا وٺئون ٿا. جيڪي ملڪ ۾ غير قانوني رهن ٿا انهن جي خلاف اسان به حڪومت سان گڏ آهيون.
