دنيا فلسطيني عوام جي قتل عام کي بند ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ غزه تي اسرائيل جي عام شهرين کي نشانو بنائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ڇڏي آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته گذريل ڏينهن پناهگيرن جي جباليه ڪيمپ تي سخت بمباري ڪئي وئي آهي، اسرائيل جي بمباري سبب سوين شهري شهيد ٿيا. جن ۾ عورتون ۽ معصوم ٻار به شامل آهن.نگران وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح جي مذمت جوڳين ڪاررواين کي ڪڏهن به معاف نٿو ڪري سگهجي. فلسطيني عوام جي قتل عام کي بند ڪرائڻ جي لاءِ دنيا کي هاڻ عملي قدم کڻڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو