دنيا روس کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي:زيلنڪسي

دنيا روس کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي:زيلنڪسي

ڪيف(ويب ڊيسڪ)يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته سندس ملڪ روس کي ميزائل حملن ۽ جارحيت لاءِ ڪڏهن به معاف نه ڪندو.پرڏيهي ميڊيا موجب نئين سال جي موقعي تي روس يوڪرين جي راڄڌاني ڪيف سميت ٻين شهرن ۾ بمباري ڪئي.آمريڪي ميڊيا موجب روس يوڪرين تي حملي کانپوءِ تاريخ جو سڀ کان وڏو هوائي حملو ڪيو آهي، جنهن ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.يوڪرين جي فوج جو چوڻ آهي ته هن روس طرفان فائر ڪيل 20 مان 12 ميزائل کي ڪيرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.روسي حملن کانپوءِ پنهنجي وڊيو بيان ۾ يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو ته دنيا ۾ ڪو به روس کي شهرين تي ميزائل حملن تي معاف نه ڪندو.هن چيو ته ايسٽر ۽ ڪرسمس کانپوءِ روس نئين سال جي آمد تي شهرين تي بمباري به ڪئي، روس شيطان سان گڏ آهي.ولاديمير زيلنسڪي چيو ته ولاديمير پيوٽن روس جو مستقبل تباهه ڪري رهيو آهي، دهشتگردي تي کيس ڪير به معاف نه ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو