سکر(امداد علي ڪلوڙ ) آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکڻ واري ڪيس ۾ خورشيد احمد شاھ کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو عدالت خورشيد احمد شاھ جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 15 ڏينھن جي واڌ ڪري 7 ڊسمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو خورشيد شاھ جو 14 ڏينھن جو جوڊيشل ريمانڊ جو مدپ پورو ٿيڻ تي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. خورشيد احمد شاھ کي اين آئي سي وي ڊي اسپتال کان ايمبولنس ذريعي عدالت پھچايو ويو. عدالتي ڪارروائي دوران خورشيد شاھ جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته خورشيد احمد شاھ جو موبائل فون نيب وٽ آھي جيڪو واپس ڪرايو وڃي جنھن تي نيب پراسڪيوٽر جواب ڏيندي چيو ته خورشيد شاھ جو موبائل فون فرانزڪ لاءِ موڪليو ويو آھي واپس اچڻ تي کيس واپس ڪيو ويندو. عدالتي ڪارروائي دوران احتساب عدالت جي جج امير علي مھيسر خورشيد احمد شاھ سان مخاطب ٿيندي چيو ته شاھ صاحب اوھان جي ھاڻي طبعيت ڪيئن آھي اوھان کي ڪا تڪليف ته ناھي جنھن تي خورشيد احمد شاھ چيو ته ڪجھ طبيعت بھتر آھي علاج ھلي رھيو آھي في الحال ڪا تڪيلف ڪونھي عدالت نيب پراسيڪيوٽر جي استدعا تي خورشيد احمد شاھ جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ وڌيڪ 15 ڏينھن جي واڌ ڪندي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو جڏھن ته خورشيد احمد شاھ کي سخت سيڪيورٽي ۾ واپس اين آئي سي وي ڊي اسپتال منتقل ڪيو ويو.










