خوبصورت آرٽسٽ بدترين بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

سڪرنڊ(رپورٽ راج ڪماراوڏ) سنڌ جي خوبصورت چتر ڪار گلاب ڪيريو 56 ورهين جي ڄمار ۾ نوابشاهه جي اسپتال ۾ ڪاري ڪامڻ جي مرض ۾ مبتلا هئڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ ناٺياڻي ڀرسان ملوڪ فقير جي قبرستان ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ سنڌ جو مشهور شاعر نور الله مهر ڊٻائي، اديب معشوق ڌاريجو، سينئر صحافي علي محمد شاهه لڪياري، مشتاق پرهياڙ، نامورعوام شاعر مولا بخش ڪيريو، نور احمد زهري، قومپرست اڳواڻن مسعود خاصخيلي، احمد ديناري، يوسي ناٺياڻي جي چيئرمين بلاول ڪيريو، غلام حسين ديناري، بابرڪيريو، ڌڻي بخش ڪلوئي، قربان ڪيريو، غلام نبي ڪيريو، اياز علي ابڙو، شاهد شاهه، محمد هارون ڏاهري، برڪت مري، عبدالعليم ڪيريو، گدا حسين ميراڻي، عبدالجبار جلباڻي، مشتاق ڪيريو، محسن ڪيريو، نوجوان تخليقي شاعر فريد ڪيريو، پير فتح محمد، ممتاز ڪيريو، شفيع محمد چانڊيو، نذير لاشاري ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مرحوم گلاب ڪيريو زندگي جو 40 سالن کان وڌيڪ عرصو آرٽ رنگن احساسن ۽ جذبن کي پينٽ ڪندي گذاريو. هو هڪ پيدائشي آرٽسٽ هُيو. هن ڪنهن به آرٽ جي اداري يا يونيورسٽي مان فائن آرٽس جي ڪا به سکيا نه ورتي هئي پر ننڍي ڄمار ۾ ئي نوابشاهه جي مشهور آرٽسٽ ۽ مشهور پينٽر قيصرهپي کان ريکائن ۽ رنگن جي بنيادي سکيا ورتي ۽ بعد ۾ پنهنجي ڏات ذريعي هن آرٽ جي دنيا ۾ زبردست ڪم ڪيو پر غربت سبب سندس تخليقي ڪم جي ڪٿي به ڪا نمائش نه ٿي سگهي. گلاب ڪيريو جي فن جي ڪماليت کي ڏسندي ڪراچي جي فائن آرٽس جي هڪ خانگي اداري ۾ گلاب ڪيريو کي خاص طور تي هڪ سال لاءِ اعزازي طور ليڪچر ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. گلاب ڪيريو پنهنجي آرٽ ذريعي بلاول هائوس ڪراچي جي اندر پنهنجي آرٽ جا خوبصورت رنگ وکيريا ۽ ساڳئي وقت لاڙڪاڻي ۽ نوابشاهه ۾ گونگين ۽ بي زبان ديوارين کي پنهنجي ڪمال آرٽ ذريعي رنگن منظرن ۽ ڪلاسيڪل شعرن ۽ شاعري جي ذريعي اظهار جو زبردست ذريعو بنايو. شهيد بينظير آباد جا آرٽ ۽ علم ادب سان تعلق رکندڙ ماڻهو گلاب ڪيريو جهڙي فقير منش آرٽسٽ جي لاڏاڻي کي آرٽ جي دنيا لاءِ ڪڏهن به ازالو نه ٿيڻ جو نقصان قرار ڏئي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو