خواهش آهي نواز شريف اچي اليڪشن وڙهي: اسد عمر

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته هي نواز شريف جو ملڪ آهي، کيس واپس اچڻ گهرجي، منهنجي خواهش آهي ته هو اچي ۽ چونڊون وڙهن.لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ شفاف ۽ آزاد چونڊون ٿيڻ گهرجن. اسد عمر جو چوڻ آهي ته نواز شريف سان قانون موجب علاج ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت ناهي ته پوءِ ڪنهن کي به اجازت نه ڏني وڃي، اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺي، ن ليگ کي جلسي جي اجازت آهي پر پي ٽي آءِ کي ناهي.هن اهو به چيو ته جيڪڏهن توهان فلسطين جي حق ۾ آواز اٿاريو ته دنيا ڪشمير لاءِ آواز اٿاريندي.

پهنجو تبصرو موڪليو