2017 واري ڌرڻي ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي جي هدايت،خط

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)بچاءَ واري وزارت جي سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ حمود الزمان خان ٽنهي فوجين جي سربراهن کي خط لکي ڇڏيو آهي.بچاءَ واري سيڪريٽري آرمي چيف، ايئر چيف ۽ نيول چيف کي خط لکي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ ٽنهي آرمي چيف کي خط لکيو ويو آهي.ذريعن موجب خطن ۾ ٽنهي آرمي چيفز کي 2017 واري ڌرڻي ۾ لاڳاپيل آفيسرن جي ڪردار جو جائزو وٺي ڪارروائي ڪرڻ جو چيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته بچاءَ واري سيڪريٽري پنهنجو تحريري بيان ڪميشن کي موڪلي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو