خريداري نه ٿيڻ سبب ڪڻڪ جون قيمتن ۾ گهٽتائي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) خريداري نه ٿيڻ سبب ڪڻڪ جون قيمتون وڌيڪ گهٽ ٿي ويون آهن.پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ هاري في مڻ ڪڻڪ 2800 روپين تائين وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.ٻئي پاسي پنجاب حڪومت ۽ هارين وچ ۾ ڪڻڪ جي خريداري تي معاملا طئي نه ٿي سگهيا آهن.خوراڪ کاتي جي ذريعن موجب ننڍن هارين کي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هاري ڪارڊز جي ذريعي امداد ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو هوڏانهن فلورملز، سيڊ ملز ۽ واپارين ڪڻڪ جي خريداري لاءِ مارڪيٽ جو رخ ڪري ورتو آهي.ٻئي پاسي هاري اتحاد جي صدر خالد باڻهه ۽ هاري بچايو تنظيم جي اڳواڻ جاويد سلطان چيو آهي ته حڪومتي بي حسي جي خلاف 2 مئي کان سمورن ضلعن ۾ مظاهرا ڪيا ويندا هاري پنهنجو چوپايو مال ۽ ڪڻڪ روڊن تي آڻي احتجاج ڪندا، هارين کي مارڪيٽ جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو