مانيڪا جو بشري ۽ عمران خلاف زنا ڪاري جو ڪيس داخل

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) خاور مانيڪا غير شرعي نڪاح ڪرڻ تي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي سزا ڏيارڻ جي لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو آهي. سول جج قدرت الله جي عدالت سان رابطو ڪندي بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته منهنجو تعلق پاڪ پتن جي مانيڪا فيملي سان آهي. 1989ع ۾ منهنجي بشريٰ بي بي سان شادي ٿي هئي جنهن کان پوءِ بشريٰ جي ڀيڻ ذريعي پي ٽي آءِ چيئرمين سان اسلام آباد ڌرڻي دوران اسان جو رابطو ٿيو.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته دبئي ۾ رهائش پذير بشريٰ بي بي جي ڀيڻ جو يهودي لابي سان گهرو تعلق آهي. وقت گذرڻ سان گڏ پي ٽي آءِ چيئرمين منهنجي شادي شده زندگي ۾ مداخلت شروع ڪري ڏني. مون پي ٽي آءِ چيئرمين کي باعزت طريقي سان پنهنجي گهر ڀاتين کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان جي لاڳيتو مداخلت جاري رهي.خاور مانيڪا داخل ڪيل درخواست ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين پيري مريدي جو سهارو وٺي منهنجي زندگي ۽ گهر ۾ داخل ٿيو.  عمران خان منهنجي غير موجودگي ۾  منهنجي گهر ايندو هو. جتي هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ گذراريندو هو جيڪو اسلامي تعليمات جي خلاف آهي. هڪ ڏينهن مان اوچتو گهر آيس ته ذوالفي بخاري منهنجي بيڊ روم ۾ موجود هو. جڏهن ته بشريٰ بي بي به بني گالا هائوس اچڻ وڃڻ شروع ڪري ڇڏيو هو.خاور مانيڪا طرفان داخل ڪيل درخواست سان گڏ 4 گواهن جي فهرست به لڳائي وئي آهي جنهن ۾ خاور مانيڪا پاڻ، مفتي سعيد، عون چوڌري ۽ محمد لطيف شامل آهن. هوڏانهن پهرين آگسٽ 2018ع جي پي ٽي آءِ چيئرمين جي نڪاح جي ڪاپي به درخواست سان گڏ لڳائي وئي آهي.اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ خاور مانيڪا پي ٽي آ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي کي طلب ڪندي سزا ڏيڻ جي استدعا ڪئي آهي. سول جج قدرت الله جي عدالت خاور مانيڪا جو بيان قلمبند ڪرايو،عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 28 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن شهري محمد حنيف غير شرعي نڪاح ڪيس بابت پنهنجي درخواست واپس وٺي ڇڏي هئي جنهن تي عدالت ڪيس ختم ڪري ڇڏيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو