خان چيو ته خاور مانيڪا جو بيان ڪوڙو آهي: شير افضل

خان چيو ته خاور مانيڪا جو بيان ڪوڙو آهي: شير افضل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وڪيل شير افضل مروت چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته خاور مانيڪا جو بيان ڪوڙو آهي.اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شير افضل مروت بئريسٽر علي ظفر سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ کي جمهوريت بدران تنزلي طرف وٺي وڃي رهيا آهن،شير افضل مروت جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي ۽ اڳواڻن جي گهرو معاملن ۾ ناجائز مداخلت ڪئي پئي وڃي.ان موقعي تي ڳالهائيندي بئريسٽر علي ظفر چيو ته چيئرمين وڪيلن جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين فوري طور تي ريلي ۽ ڪارنر ميٽنگ شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.سندس چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جو پهريون جلسو پهرين ڊسمبر تي پشاور ۾ ٿيندو، پي ٽي آءِ جلد سڄي ملڪ ۾ جلسن جو شيڊول جاري ڪندي.بئريسٽر علي ظفر اهو به چيو آهي ته جيڪڏهن رڪاوٽون وڌيون ويون ته سپريم ڪورٽ ويندس.

پهنجو تبصرو موڪليو