خان سپريم ڪورٽ پروسيجر ڪيس جي فيصلي مان مطمئن

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل بيرسٽر علي ظفر چيو آهي ته سپريم ڪورٽ پروسيجر ڪيس ۾ عمران خان سپريم ڪورٽ جي فيصلي مان مطمئن آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ هاڻ ماضي جا ڪيس نه کلندا، جيئن پاناما جو ڪيس آهي. رپورٽ موجب پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل ۽ فزيوٿراپسٽ اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بيرسٽر علي ظفر، گوهر خان، عمير نيازي، محمود خان، عمران خان جو فزيوٿراسپٽ ڊاڪٽر عاصم يونس ۽ ٻيا شامل هئا. وڪيل ۽ ڊاڪٽر پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملاقات کان پوءِ واپس روانا ٿي ويا هئا.جيل انتظاميه موجب فزيو ٿراسپٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جو طبي معائنو پڻ ڪيو. فزيوٿراپسٽ عدالتي حڪم تي پي ٽي آءِ چيئرمين جو طبي معائنو ڪرڻ آيو هو.پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملاقات کان پوءِ بيرسٽر علي ظفر چيو ته عمران خان جي طبيعت بهتر آهي. هن پيغام ڏنو آهي ته ملڪ معاشي بحران جو شڪار آهي، هن وقت مشهور اڳواڻ جي ضرورت آهي. مشهور اڳواڻ صرف چونڊن ذريعي اچي سگهي ٿو. بيرسٽر علي ظفر موجب پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊن بابت پٽيشن کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي. چونڊون وقت تي ٿينديون ۽ سپريم ڪورٽ جي سپر ويزن ۾ ٿينديون. هن چيو ته مشهور اڳواڻ ئي سرجيڪل آپريشن ذريعي معيشت کي بهتر ڪري سگهي ٿو.علي ظفر وڌيڪ ٻڌايو ته پي ٽي آءِ چيئرمين سپريم ڪورٽ جي ڪالهوڪي فيصلي مان مطمئن آهي ماضي جا ڪيس هاڻ نه کلندا. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي ته چونڊون ناهن ڪرائڻيون ان ڪري هاڻ سڀني جون نظرون سپريم ڪورٽ تي آهن. هن چيو ته اپيل جو حق هجڻ گهرجي اهو بالڪل صحيح فيصلو آهي. علي ظفر موجب عمران خان پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي اغوا تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جيڪي عورتون جيل ۾ آهن انهن جي قانوني مدد ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو