خان جي ٽوئيٽ کان لاتعلقي، آئنده بنا اجازت ڪجهه پوسٽ نه ٿيندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شيئر ڪيل ڍاڪا ٽوڙڻ واري وڊيو تي تحريڪ انصاف ڏک ۾ پئجي وئي.علي محمد خان به پي ٽي آءِ جي باني کي 71 سان لاڳاپيل وڊيو کان لاتعلق قرار ڏيندي چيو ته باني پي ٽي آءِ کي پنهنجي ٽوئيٽر هينڊل تان شيئر ڪيل وڊيو جي خبر ناهي. 1971ع کان 2018ع واري صورتحال کي ورجائڻ نه گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان جيڪو به مواد شيئر ڪيو ويندو اهو سندس مرضي کانسواءِ نه هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو