خان جو ايف آءِ اي ٽيم سامهون هڪ ڀيرو ٻيهر سائفر گم ٿيڻ جو اعتراف

اٽڪ: (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي جي ٽي رڪني ٽيم اٽڪ جيل ۾ قيد تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سان سائفر ڪيس بابت پڇا ڳاڇا ڪئي.ذريعن موجب ايف آءِ اي ٽيم جيل ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين کان هڪ ڪلاڪ تائين پڇا ڳاڇا ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي ٽيم عمران خان کان سائفر گم ٿيڻ بابت سوال ڪيا ۽ هن ٽيم سامهون ڳجهو سائفر خط گم ڪرڻ جو هڪ ڀيرو ٻيهر اعتراف ڪيو. ذريعن موجب ايف آءِ اي ٽيم جي قيادت ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان ڪري رهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو