اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن.ڳالهين جي ڪاميابي کانپوءِ ٽي ايل پي فيض آباد ۾ جاري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ ٽي ايل پي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي ڳالهين جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو. ٽي ايل پي مطالبو ڪيو ته فلسطين کي طبي ۽ خوراڪ جي امداد ڏني وڃي ۽ نتنياهو کي سرڪاري طور تي دهشتگرد قرار ڏنو وڃي. پريس ڪانفرنس ۾ راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته حڪومت ۽ ٽي ايل پي وچ ۾ فيصلو ٿيو آهي ته حڪومت فلسطين جي مسلمانن کي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندي.راڻا ثناءُ الله چيو ته فلسطينين تي اسرائيلي ظلمن جي هر فورم تي مذمت ڪئي ويندي، هن چيو ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو دهشتگردي ۽ جنگي ڏوهن ۾ ملوث آهي.هن چيو ته اسان گڏيل قومن کان مطالبو ڪريون ٿا ته نيتن ياهو کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته حڪومت ۽ ٽي ايل پي وچ ۾ اهو به طئي ٿيو آهي ته اسرائيل جي مدد ڪندڙ اسرائيلي ڪمپنين جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو،راڻا ثناءُ الله اهو به چيو ته حڪومت عافيه صديقي جي آزادي لاءِ ڪوششون تيز ڪندي.










