حڪومت کي ڇوٽ آهي جيستائين پي ٽي آءِ ۽ فضل الرحمان نه ٿا گڏ ٿين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي گڏ ٿيڻ تائين حڪومت وٽ رستو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هاڻي ڏسنداسين ته هي اتحاد ڪيترو وقت وٺندو.هن چيو ته مولانا فضل الرحمان انتهائي گرمي ۾ مظفر ڳڙهه ۾ جلسو ڪيو، مولانا جي تقرير جي گرمي ڏکڻ پنجاب جي گرميءَ کان به مٿي ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو