حڪومت کي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ واپس وٺڻ تي مجبور ڪنداسين

لاهور (ويب ڊيسڪ)سراج الحق چيو آهي ته جماعت اسلامي عوامي حمايت ذريعي حڪومت کي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو واپس وٺڻ تي مجبور ڪندي.امير جماعت اسلامي سراج الحق جو چوڻ آهي ته هو پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کي رد ڪري ٿو، حڪومت آءِ ايم ايف جي درخواست تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري عوام جو زندگي گذارڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي.سراج الحق جو چوڻ آهي ته جماعت اسلامي بجلي ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي رهي آهي.هن چيو ته چئني صوبن ۾ گورنر هائوسز ٻاهران عوامي ڌرڻا هنيا ويندا، عوام موت جو انتظار ڪرڻ بدران گهرن مان ٻاهر نڪري جماعت اسلامي تحريڪ جو حصو بڻجي.

پهنجو تبصرو موڪليو