حڪومت کان استعيفيٰ ۽ چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو

ملتان (ويب ڊيسڪ)جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت کان فوري استعيفيٰ ۽ ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته هو اهڙي اليڪشن چاهيون ٿا جنهن ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪو ڪردار نه هجي،هن چيو ته ڪير ٻيو ٿيندو ڪير آهي جيڪو مونکي وزيرا عليٰ يا وزارت عظميٰ جي آڇ ڪري، اهو ممڪن ناهي ته اسٽيبلشمينٽ جو ملازم هجي ۽ حڪمران به هجي.جي يو آءِ سربراهه وڌيڪ چيو ته تاريخ ڏسو، منهنجو نالو ڪڏهن به ڪنهن ليڪ ۾ ناهي آيو، اسان دھاندلي خلاف تحريڪ شروع ڪئي آهي، ٻيون پارٽيون به اهڙو ارادو رکن ٿيون،هن چيو ته پي ٽي آءِ سان اسان جي ڪا به ذاتي دشمني ناهي، موجوده صورتحال ۾ حڪومت ڪنهن به صورت ۾ ڊيليور نه ٿي ڪري سگهي.جي يو آءِ سربراهه وڌيڪ چيو ته ڊي آءِ خان ۾ منهنجي خلاف ٻه ماڻهو وڏو وزير ۽ گورنر بڻجي ويا آهن، حڪومتي اتحاد جا ماڻهو رڳو عهدا ماڻيندا، اهي ڪجهه به نٿا ڪري سگهن،هن چيو ته اها ذهنيت ختم ڪرڻي پوندي ته اسٽيبلشمينٽ جي مرضي کانسواءِ هتي ڪجهه به نٿو ٿي سگهي، اهو نٿو ٿي سگهي ته اسٽيبلشمينٽ ملازم هجي ۽ حڪمران به،مولانا فضل الرحمان اهو به چيو ته جيڪڏهن عوام نه جاڳيو ته غلامي ڏانهن وڌندا رهنداسين، هارين سان ٿيل ظلم جو پڇاڻو ٿيڻ گهرجي،هن حڪومت کان استعيفيٰ ڏيڻ ۽ ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته اسٽيبلشمينٽ کي چونڊ عمل کان پري رهڻ گهرجي، پي ٽي آءِ سان ڳالهيون هلي رهيون آهن ته نئين اليڪشن لاءِ ماحول ڪيئن ٺاهيو وڃي،جي يو آءِ سربراهه چيو ته اسان پنهنجي پرائي واري سياست نٿا ڪريون، جيڪڏهن ائين هجي ها ته حڪومت جو حصو هجون ها، حڪومت هن وقت تمام ڪمزور آهي.هن چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت جو حصو آهي پر ڪابينا ۾ نه آهي، جنهن ڏينهن پ پ حڪومت لاءِ مسئلو بڻجي ويندي، جيڪڏهن قوم ووٽ جو تحفظ نه ڪيو ته پوءِ غلامي ڏانهن وينداسين .مولانا فضل الرحمان چيو ته قوم اسان سان گڏ آهي ۽ رهندي، جمهوريت تي يقين رکون ٿا، آئين ۽ قانون جي بالادستي چاهيون ٿا، عوام جي ووٽ کي عزت ملڻ گهرجي.هن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان سرينگر وٺڻ لاءِ نڪتاسين، مظفر آباد هٿ مان نڪري رهيو آهي، افغانستان وچ ايشيا جو گيٽ وي آهي ۽ اسان ڪابل سان معاملو خراب ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو