حڪومت ڊيفالٽ ٿيندڙ ملڪ کي ترقي جي رستي تي آندو

حڪومت ڊيفالٽ ٿيندڙ ملڪ کي ترقي جي رستي تي آندو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير منصوبه بندي احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت ڊيفالٽ ٿيندڙ ملڪ کي ترقي جي رستي تي بيهاري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ جي حڪومت خزاني کي خالي ڇڏي وئي هئي.تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته 2 سالن دوران ملڪ جي معيشت مستحڪم ٿي چڪي آهي، ملڪي معيشت صحيح رستي تي اچي چڪي آهي. معرڪه حق ۾ عظيم ڪاميابي جي تاريخ ۾ مثال نٿي ملي. معرڪه حق ۾ هٿياربند فوج ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو. فيلڊ مارشل جي قيادت ۾ ڀارت کي اهڙو جواب ڏنو ويو جيڪو انهي جون 7 نسلون ياد رکنديون. وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي بهترين پاليسين جي بدولت نمايان ڪاميابيون مليون.معرڪه حق جيان اڙان پاڪستان پروگرام ۾ به ڪاميابيون حاصل ٿيون. زراعت ۾ جدت لاءِ چين جي تعاون سان نوجوانن کي تربيت ڏني پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو