ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ حڪومت جي عوام دشمن معاشي پاليسين تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ايف بي آر پاران ٽيڪس وصولين جي هدف ۾ ناڪامي ۽ حڪومتي شاهاڻا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ پيٽروليم مصنوعات تي ليوي جي نالي تي عوام مٿان ظالماڻو غنڊه ٽيڪس لاڳو ڪيو پيو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ مهانگائي جو طوفان برپا ٿي ۽ عام ماڻهوءَ جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي۔ امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان جي اپيل تي 22 مئي تي ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ ۾ پيٽروليم ليوي، مهانگائي ۽ ظالماڻن ٽيڪسن خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا۔ صوبائي امير اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي، جڏهن ته لڳاتار وڌندڙ ٽيڪسن شهرين جي خريداري واري قوت ختم ڪري ڇڏي آهي۔ حڪومت هينئر تائين پيٽروليم ليوي جي مد ۾ عوام کان 8 هزار 66 ارب رپيا وصول ڪري چڪي آهي، جڏهن ته موٽر سائيڪل سوارن ۽ محنت ڪش طبقي کان ساليانو 500 ارب رپيا ٽيڪس ورتو پيو وڃي۔ ٻي طرف اشرافيه کي مختلف مراعتون ۽ ٽيڪسن ۾ ڇوٽ حاصل آهي، جنهن سبب معاشي ناانصافي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي۔ حڪومت غريب ۽ زڪواة جي مستحق عوام کان به هڪ ليٽر پيٽرول تي 117 رپيا ليوي وصول ڪري رهي آهي، جيڪا ڳالهه ظلم جي انتها ۽ غريب عوام جو معاشي قتل آهي۔ محدود آمدني رکندڙ پگهاردار طبقي لاءِ ماهوار خرچ پورا ڪرڻ ناممڪن بڻجي چڪو آهي ۽ انهن کان اذيتناڪ انداز ۾ ٽيڪس وصول ڪيا پيا وڃن۔ امير جماعت اسلامي سنڌ وڌيڪ چيو ته رڳو هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ 1200 ارب رپين کان وڌيڪ پيٽروليم ليوي وصول ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 30 جون تائين اها رقم وڌي 1700 ارب رپين تائين پهچڻ جو امڪان آهي۔ هن سوال اٿاريو ته آءِ ايم ايف جو بهانو بڻائي عوام جي زندگي تنگ ڪندڙ حڪمران اهو به ٻڌائن ته پنجاب جي چيف منسٽر مريم نواز لاءِ 11 ارب رپين جو جهاز، چيئرمين سينيٽ لاءِ 9 ارب رپين جون گاڏيون خريد ڪرڻ ۽ حڪمرانن جي شاهاڻن خرچن ۽ مفت خوري تي آءِ ايم ايف ڇو خاموش آهي؟ هن زور ڀريو ته شهباز شريف حڪومت عوام تي وڌيڪ بار وجهڻ بدران پنهنجا شاهاڻا خرچ گهٽ ۽ پيٽرول، بجلي ۽ گيس جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي حقيقي رليف فراهم ڪري عزت سان جيئڻ جو حق ڏئي۔#










