حڪومت مالي سال جي پهرين ڏينهن عوام تي پيٽرول بم ڪيرايو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل جاويد چيو آهي ته اڄ مالي سال جو پهريون ڏينهن آهي، حڪومت عوام تي پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو آهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل جاويد چيو ته اڄ پيٽرول ۽ ڊالر جي قيمت اسان جي دور ۾ 100 ڀيرا گهٽ هئي.فيصل جاويد جو چوڻ آهي ته پگهاردار طبقو ٽيڪسن جي بار هيٺ آهي، کين پنهنجون کيسيون ڀرڻيون آهن، هو هر ڀيري وڌيڪ امير ٿي رهيا آهن.هن چيو ته 8 فيبروري تي عوام پي ٽي آءِ جي باني کي ووٽ ڏنو، جن مخصوص سيٽن تي ووٽ ڏنا ويا، انهن تي به کين سندن حق ملندو، اميد آهي ته مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ يا سني اتحاد ڪائونسل کي ملنديون.پي ٽي آءِ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته عوام کي موجوده حڪومت تي اعتماد ناهي، حڪومت ڇڏڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو