فيض آباد ڌرڻي ڪيس بابت نئين ڪابينا ڪميٽي قائم

فيض آباد ڌرڻي ڪيس بابت نئين ڪابينا ڪميٽي قائم

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت فيض آباد ڌرڻي ڪيس بابت نئين ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.ذريعن موجب فيض آباد ڌرڻي جي جاچ لاءِ نئون ڪميشن ٺهڻ گهرجي يا نه؟ ڪميٽي سفارش ڪندي. ڪابينا ڊويزن جي نوٽيس موجب ڪابينا ڪميٽي 2 هفتن ۾ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي، جيڪڏهن ڪميٽي نئين ڪميشن جوڙڻ جي سفارش ڪندي ته ٽي او آرز به طئي ڪندي.ڪابينا ڪميٽي جي صدارت وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ ڪندو.گهرو وزير، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جو وزير، اٽارني جنرل ۽ سيڪريٽري قانون ڪميٽي جا ميمبر هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو