سوشل ميڊيا بابت قانونسازي تي ڪم ڪريون پيا، تارڙ

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حڪومت سوشل ميڊيا بابت قانونسازي تي ڪم ڪري رهي آهي، انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جي رويي تي وڌيڪ پاليسي گائيڊ لائنز متعارف ڪرايون وينديون.پنهنجي هڪ بيان ۾ قانون واري وزير چيو ته مان راءِ جي اظهار جو حامي آهيان. ڊيجيٽل رائٽس ۽ اعتراض جوڳي مواد جي معاملي ۾ جلد بهتري ايندي. هن اهو به چيو ته سوشل ميڊيا بندش جو مسئلو صرف پاڪستان ۾ نه آهي. آمريڪا، ڪينيڊا ۽ آسٽريليا ۾ به سوشل ميڊيا جا مسئلا موجود آهن.قانون واري وزير اهو به چيو ته مسلم ليگ(ن) جي اڳوڻي اتحادي حڪومت سوشل ميڊيا بابت ڪميٽي به ٺاهي هئي پر ٻيهر نگران حڪومت اچي وئي جنهن جي ڪري ڪم رڪجي ويو آهي.وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته ميٽا ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارم سان مشاورت ڪري رهيا آهيون ۽ انهن جو موقف به ٻڌي رهيا آهيون. سوشل ميڊيا بابت پاليسي تي ٻيهر ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو