حڪومتي سرپرستي هجي ته سمورا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته حڪومتي سرپرستي حاصل هجي ته سمورا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.پنهنجي هڪ بيان ۾ گورنر آرمي چيف کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هن معيشت جي استحڪام لاءِ اسمگلنگ جي خاتمي جي شروعات ڪئي.سنڌ جي گورنر وڌيڪ چيو ته آرمي چيف جي قدمن جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو