حڪومتي ادارا غير قانوني سرگرمين خلاف آپريشن جاري رکن: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير هدايت ڪئي آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ ٻيا سرڪاري ادارا غير قانوني سرگرمين خلاف ڪارروايون جاري رکن.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سان گڏ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ آرمي چيف کي نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پلان ۽ سنڌ جي ڪڇ واري علائقي ۾ آپريشن بابت بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف کي سي پيڪ ۽ ٻين منصوبن تي ڪم ڪندڙ پرڏيهين جي سڪيورٽي ۽ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي واپس آڻڻ لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي.آءِ ايس پي آر موجب جنرل عاصم منير کي پرڏيهي مٽا سٽا جي ريگيولائيزيشن قدمن، ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان، ايس آءِ ايف سي جي قدمن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو.ان موقعي تي آرمي چيف جو چوڻ هو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ ٻيا سرڪاري ادارا غير قانوني سرگرمين خلاف آپريشن جاري رکن، آپريشنز سان وسيلن جي چوري ۽ ملڪ کي ٿيندڙ معاشي نقصانن کي روڪيو ويندو.هن سمورن لاڳاپيل کاتن جي وچ ۾ گڏيل تعاون جي اهميت تي زور ڏنو.ايپڪس ڪميٽي جي شرڪت ڪندڙن چيو ته رياستي ادارا، حڪومتي ادارا ۽ عوام صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ متحد آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو