حيدر آباد ويجهو ڪراچي ايڪسپريس جون بوگيون ڊي ريل

حيدر آباد ويجهو ڪراچي ايڪسپريس جون بوگيون ڊي ريل

حيدرآباد (ن س )حيدرآباد ريلوي اسٽيشن ويجهو ڪراچي ايڪسپريس جون 2 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون.ريلوي اختيارين موجب ٽرين اسٽيشن کان ٻاهر نڪتي ته ريلوي يارڊ ۾ حادثو پيش آيو، حادثي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.انتظاميا موجب بوگيون پٽڙي تان لهڻ سبب اپ ۽ ڊائون ٽريڪ تي ريلوي ٽريفڪ معطل ٿي وئي.جڏهن ته بعد ۾ ڪراچي ايڪسپريس جون ٻه بوگيون الڳ ڪري ۽ اپ ٽريڪ کي بحال ڪيو ويو ۽ ٽرينون مختلف اسٽيشنن تي روڪي پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿي ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو