حيدرآباد ۾ گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب 7 زخمي فوت، 52 علاج هيٺ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)حيدرآباد ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيل 4 ٻارڙا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 52 ڄڻا علاج هيٺ آهن.رپورٽن مطابق گيس سلنڈر ڌماڪي سبب 48 زخمين کي سول اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو ويو، زخمين ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن. ٻئي طرف سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ صحت واري وزير عذرا پيچوهو برنس وارڊ پهچي زخمين جي عيادت ڪئي.سنڌ جي وڏي وزير انتظاميا کي زخمين کي بهترين علاج فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سنڌ ۾ گئس جي کوٽ آهي، هي واقعو افسوسناڪ آهي.سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري به سول اسپتال پهتو، هن چيو ته زخمين جي جان بچائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو