حيدرآباد،گهر ۾ گيس ڀرجڻ سبب ڌماڪو، عورت سميت 5 ڄڻا سڙي زخمي

حيدرآباد،گهر ۾ گيس ڀرجڻ سبب ڌماڪو، عورت سميت 5 ڄڻا سڙي زخمي

حيدرآباد (ن س )حيدرآباد جي علائقي ڦليلي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 عورتن سميت 5 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا.پوليس موجب ڦليلي ۾ هڪ گهر ۾ گئس ڀرجي وئي، جنهن دوران ڌماڪو ٿيو، جنهن دوران باهه لڳي وئي.پوليس موجب گهرڀاتين رات جي وقت گيس جو اسٽو کولڻ وساري ڇڏيو ۽ صبح جو چولھا ٻاري ته زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڇوڪري ۽ 3 عورتن سميت 5 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا ،پوليس موجب زخمين کي سول اسپتال جي برن وارڊ منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندن علاج جاري آهي. اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته گيس جي ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل عورت جي حالت نازڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو