حميده گهانگهرو
حسينا جتوئي (ايڊيٽر روزاني مومل ڪراچي) نهايت خلوص سان سياسي، سماجي، علمي، ادبي، تعليمي، شعبي سان واسطو رکندڙ ساهيڙين جي تقريب ڪوٺائي، تقريب ۾ رضوانه شيخ، ثاميه عرساڻي، شاهده ٻگهيو، نسرين کهڙو، صنم کهڙو۽ ڊاڪٽر تسليم قاضي به شريڪ ٿي، ڏسجي ته هي تقريب ان روايت کان بلڪل هٽيل هئي ته هوٽل، هال يا ڪنهن اهم جڳهه تي بڪنگ ڪرائي پوءِ گڏجاڻي منعقد ڪئي وڃي. بلڪه گهر جي ڊرائنگ روم ۾ بلڪل پنهنجائپ وارو فري ماحول ۽ اهڙي تقريب جٿي سياسي، سماجي علمي، ادبي ڪچهري سان گڏوگڏ هڪ ٻئي جا ڏک سک به بحث هيٺ آيا. جن ۾ عورت جو بهادري ۽ سماج جي غيرمناسب ريتن رسمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي اڳتي وڌڻ جو حوصلو ڏنو ويو ۽ مثالي ڪردار ادا ڪندڙ هر عورت جي اظهار، قلمي، علمي، ادبي طور واضح نظر آيو. خالده نسرين بهترين شاعره ڪيترن ڪتابن جي ليکڪا، مڙس جي گذاري وڃڻ کانپوءِ بهادر عورت بڻجي ٻارن جي بهترين پرورش ڪرڻ لاءِ تعليمي اداري جي بهترين استاد جي حيثت ۾ سرگرم رهي. تعليمي سفر ۾ سندس هٿ ۾ کنيل قلم اندر جي اڇل کي به ظاهر ڪندو رهيو. سندس هر ڪٿا ۾ بهترين طريقي سان پيش ڪئي وئي. خالده نسرين کانپوءِ سلطانا وقاصي جيڪا ڪتابن جو وڏو ٿيلهو ڀري کڻي آئي هئي ۽ هر هڪ سرتي کي پنهنجي قلمي پورهيي جا ورق ڪتابي شڪل ۾ ورهائي ڏنا. جڏهن اهو اسرار ڪيو ويو ته توهان ڪجهه شاعري پڙهي ٻڌايو ته حقيقت ۾ سندس درد ڀري پر نه جهڪڻ واري لفظن ۾ ميٺاس ۾ ڪيترو حوصلو سمايل هو جڏهن لفظن جو سفر زبان تي جهڻڪار ڪري پيو ته ڄڻ اندر ۾ درد جو اوڙاهه ٻڙڪي پيو، اها گواهي سندس اکين جا لڙڪ هئا جن کي نيڻن مان ٻاهر اچڻ کان اڳ امرت سمجهي پيئندي رهي. مون ڏانهن (حميده گهانگهرو) ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ڪڏهن هن جي ڀر ۾ ويهي ڏسو ته سندس اندر ۾ ڪيترا گهاءُ سمايل آهن ۽ ڪيئن ڏاڍي ٿي مقابلو ڪري بس جيئي ٿي. مون چيو اڄ به پڙهيل لکيل پاڻ کي دانشور، اديب سڏيندڙ بظاهر عورت جي آزادي جي دعويداري ڪندڙ سندن چنگل ۾ نه ڦاسڻ واري عورت لاءِ حراسمينٽ پيدا ڪري رهي آهي. اهڙا اوچهرا، گهر، محلو، ادارن ۾ ڪم ڪندڙ، سماج ۾ هر جاءِ تي ملندا. بس عورت هڪ درد ڪهاڻي آهي پر تاريخ جي ورقن ۾ ڀلي اڄ نه صحيح ايندڙ وقت لاءِ مثال آهي. ڇو ته عورت سان عورت جي دشمني صرف پنهنجي ذات کي تسڪين ڏيڻ لاءِ وساري ٿي ڇڏي ته جنهن عورت سان ظلم ٿي ڪري اها به هڪ عورت آهي جيڪا سندس ڀيڻ، ننهن، سس، ساهيڙي گڏجي ڪم ڪرڻ واري جاءِ تي ڪليڪ به ٿي سگهي ٿي.هن جو چوڻ هو ته عورتن کي ته هراسان ڪيو ٿو وڃي پر نوجوان ڇوڪرن کي به هراسان ڪري سندن زندگيون تباهه ڪيون ٿيون وڃن جن جي ڪري هو نشي جا عادي، چوريون، آوارا گردي ڪري ٻيو وڏو سبب غربت، بيروزگاري ڪري ڀٽڪندا رهن ٿا. انهي ڪري جيسين هر انسان عورت هجي چاهي مرد قول ۽ فعل سان سچو نه هوندو سماج جي پيڙهه سري لڳل ڪمزور ۽ ڀرندي نظر ايندي.
شهربانو ڪاڪا چيو ته سرتين جو اتحاد وقت جي اهم ضرورت آهي، ٻولي کي بچايو وڃي، سنڌي ٻولي دنياجي شاهوڪار ٻولي آهي پر ان کي ايتري اهميت ناهي. مصلحت پسندي کان هٽي بحث ۾ اهو به چيو ويو ته اڄ هزارين رپيا فيس ڀري ٻارن کي انگلش ميڊيم اسڪولن ۾ پڙهايو ٿو وڃي. بر صغير تي انگريزن جي حڪمراني کي جبر، ڏاڍ ۽ مقامي ماڻهن کي غلام بڻائڻ واري ظلم خلاف آزادي ماڻي انگريزن جي غلامي مان آزادي ماڻڻ لاءِ قوم جي هيرن قربانيون ڏنيون، ڦاهي چڙهيا، اخر آزادي ته حاصل ڪئي پر انگريزي ٻولي دنيا جي ترقي ۽ گلوبل وليج ۾ هڪ ٻئي سان رابطي ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي سمجهڻ لاءِ وري به انگلش ٻولي جو سهارو وٺنو ٿو پوي ان ڪري ڳريون فيس ڀري به پنهنجن ٻارن کي انگلش تعليم ڏياري ٿي وڃي، پر جيئن چين، جرمني ۾ پنهنجي ٻولي کان اهميت آهي، اهڙي طرح سنڌ جي هر تعليمي اداري وانگر يونيورسٽي ليول تي به سنڌي ڊپارٽمينٽ جو هجڻ ضروري آهي. هڪ راءِ اها به آئي ته ٻولي جا ماهر ٻولي تي ڳالهائيندي ٿورو پنهنجو به جائزو وٺن ته جيئن بهترين مثال طور ڳالهه کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد حاصل ٿئي اسان وٽ ڪيترا اديب، دانشور پنهنجي ٻارن کي سنڌي ۾ تعليم نٿا ڏين بلڪه سنڌي ٻولي تي هر وقت دعويداري ڪري ڳالهائڻ واري جا پنهنجا ٻار ٽوٽل انگلش ۾ ڳالهائين ۽ پڙهن ٿا. انهي ڪري ڪنهن به حق سچ جي آواز ۾ ٻٽي پاليسي نه هجي. سڪينا سمون چوڻ ۾ تعليم جي شعبي سان واسطو پر ڇا ته سندس ڳلي ۾ سر ۽ ساز جي هٻڪار هئي جڏهن گيت ڳائڻ لڳي ته ڪنهن به ڌن کان سواءِ سندس آواز ۾ ايترو ميٺاس هو جو دل پئي چوي ته جيڪر ٻڌندو رهي. چوندا آهن موسيقي روح جي غذا آهي. توڻي جو کڻي حسينا جي هٿ جون پڪل شيون ڏاڍيون لذيذ هيون خاص طور حليم ۽ چڻن جي چاٽ کائڻ کانپوءِ ڄڻ ڪا گنجائش نه هئي پر اها خبر ئي نه پئي ته روح جو سواد ته رهيل هو جيڪو به موڪلاڻي جي مهل وقت ضروري هو. حسينا پنهنجي ذات ۾ ڇا آهي سندس جيون ساٿي آزاد جتوئي ته وقت کان اڳ موڪلائي زماني جي مصيبتن کان آزاد ٿي ويو پر حسينا تمام ڏکن، ڏولاون جي قيد ۾ جڪڙجي وئي. بس هڪ اميد ته سندس جيون ساٿي جون نشانيون قيد جو تالو کولڻ ۾ مددگار رهيون آهن، اهي آهن سندس ماٺيڻا پيارا ٻار جيڪي ماءُ جي ڪلهي کي پڪڙي ڪنڌ نٿا جهڪڻ ڏين. آزاد جتوئي جي ٻاريل مشعل جي صورت ۾ پئي حالتن، سماج، سياست، ادب تاريخ جي لفظن واري سمنڊ ۾ سندس هٿ ۾ کنيل قلم کي مصروف رکيو اچي. هميشه مسڪرائيندي رهي ۽ همٿ بهادري سان هر ڏک سک، زيادتي سان منهن ڏيڻ جي سگهه برقرار رهيس. هر اڪيلي عورت کي آخر جنگل جي مختلف جانورن ۾ هڪ شينهن جهڙي زندگي گذارڻي هوندي آهي. توڻي جو کڻي کيس سماج جي هراسمينٽ سان منهن ڏيڻو ٿو پوي پر پوءِ به مقابلي جي سگهه کي ختم نه ڪيو آهي موڪلاڻي وقت اهو هڪ ٻئي چيو هٿ ملايو ته اهڙيون ڪچهريون ٿيڻ گهرجن. ها بلڪل عورتن جي هن محفل ۾ لباس ميڪپ، جولري تي بحث ڪرڻ بجاءِ تمام مهذب ۽ ڪنهن به اونچ نيچ کانسواءِ سڀني برابري جي اهميت کي مان ڏنو ۽ حقيقت پسند ٿي اڄ جي دور جي باشعور عورت ٿيڻ جو وچن ڪيو.
