ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حماس ۽ حزب الله اسرائيل جي سامهون لوهي پلائيندڙ ديوار آهن.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته اسرائيل دهشتگرد ڪاررواين ۾ مصروف آهي. سموري ڪارروائي جي باوجود اسرائيل مزاحمتي تحريڪ کي ختم نٿو ڪري سگهي.حافظ نعيم الرحمان چيو ته غزه ۾ بمباري جاري آهي، اسرائيل ڪالهه حزب الله جي سربراهه کي شهيد ڪيو، فلسطين کانپوءِ هاڻي اسرائيل لبنان تي به حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن.هن چيو ته اسرائيل حماس ۽ حزب الله جي مزاحمت کي منهن ڏيڻ جي قابل ناهي. اڃا به وقت آهي اسرائيل خلاف بيهڻ جو، حڪومت کي گذارش آهي ته فلسطين لاءِ اٿي بيٺو.حافظ نعيم الرحمان چيو ته نصرالله شهيد جي غائبانه جنازي نماز ادا ڪندو، جيڪي اڄ اسرائيل خلاف ڪجهه نه ڪري رهيا آهن انهن کي مستقبل ۾ نه بخشيو ويندو.هن اهو به چيو ته هو ڪراچي ۾ 13 هنڌن تي مهانگي بجلي ۽ ظالماڻي ٽيڪس خلاف ڌرڻا ڪندا.










