حليم عادل وڪيلن سان گڏ بحريه متاثر وٽ پهچي ويو

ڪراچي(شهزادو مستوئي)گڏاپ بحريا ٽائون انتظاميا پاران قديم سنڌي ڳوٺن کي مسمار ڪرڻ واري عمل خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ بحريا ٽائون جي والار جو شڪار ڳوٺ نور محمد گبول پهچي ويو، حليم عادل شيخ وڪيلن جي ٽيم ساڻ ڪري علائقي جو دورو ڪري فيض محمد گبول جي پٽ مراد گبول ۽ ڳوٺاڻن سان ملاقاتون ڪيون، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ  نور محمد گبول ڳوٺ پھچي سان ملاقات ڪئي.ان موقعي تي حليم عادل شيخ چيو ته اسان سنڌ اسيمبلي ۾ ھنن ڳوٺن لاءِ قراداد رکي جنھن کي منظور نه ڪيو ويو، بحريه جي ڀر ۾ نور محمد ڳوٺ سوين سالن کان آباد آھي پر ھن ڳوٺ ۾ زندگي جون ڪي به سھولتون ميسر ناھن جڏھن ته ديوار جي ھن پاسي بحريه ٽائون آھي جنھن ۾ زندگي جي ھر سھولت موجود آھي، ھن غريب مسڪينن جو ڪھڙو قصور آھي جو ھنن کي سزا ڏني پئي وڃي، ڪٿي آھن اھي چونڊيل نمائنده جيڪي ھنن مسڪينن جي ووٽن تي اقتدار جا مزا وٺي رھيا آھن.هن چيو ته ان سڄي صورتحال جي ذميوار سنڌ حڪومت آھي، گذريل ڏيھن ڪمال جوکيو ڳوٺ تي فائرنگ ڪئي وئي، ھتان جي ماڻھن کي زخمي ڪيو ويو جنھن جو سنڌ حڪومت ڊرامو رچائي صرف گارڊن مٿان ايف آءِ آر ڪرائي ۽ حد جي ايس ايڇ او، مختيار ڪار کي ھٽايو ويو ڪنھن به ايس ايڇ او، مختيار ڪار، سيڪيورٽي گارڊ جي ڪھڙي جرئت آھي جو ھو ڌرتي ڌڻين مٿان فائرنگ ڪري انھن کي يرغمال بڻائين.ان موقعي تي سينيئر وڪيل اڳواڻ ممتاز گوپانگ، پي ٽي آئي اڳواڻ حاجي حفيظ جوکيو، جانشير جوڻيجو، اعجاز سواتي، ريحان سومرو، عامر ابڙو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود ھئا.

پهنجو تبصرو موڪليو