حسن علي جي واپسي، ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ورلڊ ڪپ 2023 لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پي سي بي جي چيف سليڪٽر انضمام الحق پريس ڪانفرنس دوران 18 رڪني قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو. انضمام الحق چيو ته قومي اسڪواڊ ۾ بابر اعظم ڪپتان ۽ شاداب خان نائب ڪپتان هوندو. فاسٽ بالر نسيم شاهه زخمن سبب قومي اسڪواڊ جو حصو ناهي، جڏهن ته سندس جاءِ تي حسن علي کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ورلڊ ڪپ لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ شامل رانديگر جيڪي شامل آهن انهن ۾ بابر اعظم (ڪپتان)،شاداب خان (نائب ڪپتان)،عبدالله شفيق،فخر زمان،امام الحق،حارث رئوف،افتخار احمد،شاهين آفريدي،محمد رضوان،محمد نواز،محمد وسيم جونيئر،حسن علي،سعود شڪيل،سلمان آغا، اسامه مير شامل آهن رزرو رانديگرن ۾ محمد حارث، ابرار احمد ۽ زمان خان کي رکيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو