حسان نيازي ڪوئيٽا پوليس حوالي

لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ڀائيٽي حسن نيازي کي ايبٽ آباد پوليس ڪوئيٽا پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.پوليس موجب جوابدار کي لاهور آڻڻ لاءِ بلوچستان جي گهرو کاتي کي خط اماڻيو ويو آهي، قانوني ڪارروائي کانپوءِ حسن نيازي کي لاهور پوليس ڪوئيٽا وٺي ويندي. پوليس موجب، جوابدار حسن نيازي لاهور پوليس کي جناح هائوس ڪيس ۾ گهربل آهي، جوابدار تي سڪيورٽي فورسز جي يونيفارم لاهڻ جو الزام آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو