حب ڪينال کان ڪراچي تائين پاڻي جي نئين لائين وڇايون پيا: وهاب

حب ڪينال کان ڪراچي تائين پاڻي جي نئين لائين وڇايون پيا: وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته حب ڪينال مان پيئڻ جي پاڻي جي نئين لائين وڇائي پئي وڃي.ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته هو قوم جو هڪ هڪ پئسو ايمانداري سان خرچ ڪندو.هن چيو ته هو 20 ايڪڙن جي ايراضي تي اسپورٽس ڪامپليڪس ٺاهي رهيا آهن، اڄ کان ميريڊين فٽبال ٽورنامينٽ شروع ٿي رهيا آهن، هن گرائونڊ کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت سٺي نموني هلائي رهيا آهيون.ميئر ڪراچي چيو ته مرگهي خاني پل کي ٻيهر تعمير ڪرايو ويندو، روڊن جي تعمير ۽ مرمت ۾ غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.هن اهو به چيو ته سڄو شهر ميئر جي انتظام هيٺ ناهي، سمورن شهرين کي چوان ٿو ته اچي گڏجي ڪم ڪن، يو سي فنڊن ۾ 140 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.مرتضيٰ وهاب چيو ته جيڪڏهن منهنجو احتساب ٿئي ٿو ته انجنيئرن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي، سياسي قيادت تي تنقيد ٿئي ٿي، مون چيو ته ڪم ڪرڻ اوهان جي ذميواري آهي، جيڪڏهن جان بوجھ ڪري بي ايماني ڪئي وئي ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته مکيه شاهراهون مون وٽ آهن، باقي ٽائون چيئرمين وٽ آهن، هو پراپرٽي ٽيڪس ۽ ڪيترائي ٽيڪس وصول ڪن ٿا، اقتدار جي روئڻ کان بهتر آهي ته ڪم ڪيو وڃي، يوسي چيئرمين کي مليل رقم ۾ 12 لک رپيا واڌ ڪئي وئي آهي. ان رقم سان گهٽين جا مسئلا حل ٿي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو