حافظ آباد (ويب ڊيسڪ)حافظ آباد جي خانگي اسپتال ۾ ڊاڪٽر ۽ ٻن ملازمن پاران عورت سان زيادتي جو واقعو سامهون اچڻ بعد پوليس متاثر عورت جي فرياد تي واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.پنڊي ڀٽان ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ متاثر عورت موقف اختيار ڪيو آهي ته هوءَ پنهنجي ماءُ جي گردي جي آپريشن لاءِ خانگي اسپتال وئي ته شراب پيئڻ ڪري بي هوش ٿي وئي.متاثر عورت جو چوڻ هو ته ملازمن زيادتي جي وڊيو ٺاهي کيس بليڪ ميل ڪيو.عورت الزام هڻندي چيو ته ٻئي رات جوابدار کيس ٻيهر ڪمري ۾ گهرايو جتي هڪ ڊاڪٽر ۽ هڪ ٻئي ملازم ساڻس زيادتي پڻ ڪئي ۽ جڏهن هو تنگ ٿي گهر وڃي رهي هئي ته سندس ماءُ جو گردو به ڪڍيو ويو جنهن سبب سندس موت ٿي وئي.خانگي اسپتال انتظاميا عورت جي الزامن کي بي بنياد ۽ بدنظمي قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد نامزد جوابدار ڊاڪٽر ۽ ملازم روپوش ٿي ويا آهن.










