جڙِانوالا واقعي ۾ ملوث ڪنهن به ماڻهو کي معاف نه ڪيو ويندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جڙِانوالا واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو.هن هفتيوار بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم پاڪستان فيصل آباد ۾ واقعي جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ پاڪستان جي عوام کي به مسيحي برادري سان ٿيندڙ ناروا سلوڪ تي ڏک آهي.هن چيو ته واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪئي پئي وڃي، ان موقعي تي هن مبينه ليڪ تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪندي چيو ته هو انهن دستاويزن تي تبصرو نٿو ڪري.سندس چوڻ آهي ته 13 آگسٽ تي گوادر ۾ سي پيڪ تي ڪم ڪندڙ چيني انجنيئرن تي حملو ڪيو ويو پر خوش قسمتي سان ان حملي ۾ سمورا چيني انجنيئر محفوظ رهيا.ترجمان جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز گوادر حملي ۾ ملوث سمورن حملي آورن کي ماري ڇڏيو آهي، پاڪستان سمورن چيني شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائي رهيو آهي.هن چيو ته پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي مذمت ڪري ٿو، ڪشمير جي موجوده صورتحال تي ڪشميرين جو آواز دنيا تائين پهچائيندو رهندو. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪرڪيٽ ٽيم کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ڀارتي حڪومت جي ذميواري آهي، ڀارت کي اهڙو ماحول فراهم ڪرڻ گهرجي ته رانديگر جان جي خوف کان سواءِ راند ۾ حصو وٺي سگهن.هن روسي حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو ۽ وڌيڪ چيو ته روسي حڪومت پاڪستان جي يوم آزادي جي جشن کي ڀليڪار ڪري ٿي ۽ پاڪستان جي عوام يوم آزادي ملهائڻ تي روسي عوام ۽ اختيارين جا ٿورائتا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو