جڙانواله جي منظرن مون کي حيران ڪري ڇڏيو آهي: نگران وزيراعظم

جڙانواله جي منظرن مون کي حيران ڪري ڇڏيو آهي: نگران وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جڙانواله ۾ اقليتن جي ملڪيتن تي حملن جي مذمت ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ نگران وزيراعظم چيو ته جڙانواله جي منظر کيس حيران ڪري ڇڏيو آهي، اقليتن کي نشانو بڻائيندڙ ۽ قانون هٿ ۾ وٺندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو جڙانواله واقعي جي ذميوارن کي گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي.هن چيو ته مان يقين ڏيان ٿو ته حڪومت سمورن پاڪستانين کي برابر تحفظ فراهم ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو