اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته چونڊون جڏهن به ٿينديون آهن، شفاف ٿيڻ گهرجن، چونڊون ئي ملڪ ۾ استحڪام آڻينديون.اسلام آباد ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته هو موجوده بجيٽ اجلاس ۾ اسيمبلي ميمبرن جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن آهي.اسد قيصر جو چوڻ آهي ته هو بجيٽ ۾ ٽيڪسن خلاف 5 جولاءِ تي مانسهره ۽ 6 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ اجلاس ڪري رهيا آهن.هن چيو ته هو مهانگائي خلاف آواز اٿارڻ واري هر سياسي پارٽي سان گڏ آهن.










