جيڪب آباد ۾ پوليو ورڪر سان زيادتي جي تصديق

جيڪب آباد ۾ پوليو ورڪر سان زيادتي جي تصديق

جيڪب آباد (ن س)جيڪب آباد پوليو ورڪر سان زيادتي جو ڪيس، ڊي اين اي رپورٽ ۾ زيادتي جي تصديق. ذريعن موجب جيڪب آباد ۾ پوليو ورڪر جي زيادتي جي ڊي اين اي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پوليو ورڪر سان زيادتي جي تصديق ٿي وئي آهي، جوابدار احمد جکراڻي جي رپورٽ مثبت آئي آهي رپورٽ ۾ لکيو ويو آهي ڪجھ ڏينهن پھريان ڳوٺ الله بخش جکراڻي ۾ پوليو مهم دوران متاثر پوليو ورڪر سان جنسي زيادتي ڪئي وئي ھئي، جنهن جي رپورٽ اچڻ بعد تصديق پڻ ڪئي وئي آھي متاثر عورت فرياد تي عدالت ۾ زيادتي جو ڪيس به داخل ڪيو ويو ھو، جنهن بعد سنڌ حڪومت نوٽيس وٺندي ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد ظهور مري، ايس ايس پي ڊاڪٽر سمير نور چنا کي بدلي ڪيو ويو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو