جيڪب آباد ۾ سڱاوتي تڪرار تان نوجوان ناري قتل

جيڪب آباد ۾ سڱاوتي تڪرار تان نوجوان ناري قتل

جيڪب آباد(ن س) سڱاوتي تان ڪنواري ناري گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، چاچي ۽ سوٽن تي قتل ڪرڻ جو الزام. جيڪب آباد صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ در محمد رند ۾ 18 ورهين جي ڪنواري ناري رابعه رند کي پسٽل جون گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته ناري کي سندس چاچي ۽ سوٽن مبينا طور سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ڪري قتل ڪيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته مقتولا ناري رابعه جو رشتو وارث ٻئي هنڌ ڪرائي رهيا هئا، جنهن تي جوابدار ڌر ڪاوڙجي پئي. گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ناري رابعه رند موقعي تي ئي فوت ٿي وئي.اطلاع تي پوليس پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويا آهن، سندن گرفتاري لاءِ ڳولا جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو