جوهي ۽ آس پاس ڦر ۽ چورين جون وارداتون، پوليس خاموش

ڊرگهه بالا(ن س) جوهي تعلقي ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي رهي آهي، چوريون ۽ ڦر جون وارداتون عام جام آهن، پوليس ڪو قدم نه پئي کڻي. گذريل رات حاجي خان روڊ تي ڦرجي واردات کان پوء چورن جون مختلف ڳوٺن ۾ وڌيڪ ڪارروايون. ڳوٺ ميان بخش لغاري ۾ روشن لغاري جو دڪان ڀڃڻ کان پوء مٺل لغاري ۽ ٻين جي گھرن مان مختلف سامان ، موبائيل فونون ۽ روڪ رقم چوري. هوڏانهن ڳوٺ شير محمد ٻٻر ۾ پڻ علي حسن ٻٻر جي چوري ٿي. جڏهن تہ ڳوٺ غلام حسين لغاري ۾ بہ حاجي خان لغاري جي ڪمري جو در ڀڃي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ڀاڳيا سجاڳ ٿيڻ تي چور ڀڄي ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو