جوهي برانچ کي 200فوٽ گهارو، وڏي نقصان جو انديشو

دادو(ادل مهيسر) ڳوٺ ابراھيم چنه سامھون جوھي بئراج کي اچانڪ ٻه سئو فوٽ گهارو لڳي ويو جنھن ڪري ڳوٺ ابراھيم چن، مڪمل طور تي پاڻي جي هيٺ اچي ويو. جڏھن ته جوهي بئراج جي ويجهو  ڳوٺ لڌاڻ، قومي چارو، قربان ڀرڳڙي، دائم چانڊيو سميت ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا، تيار ٿيل فصل پڻ پاڻي ھيٺ اچي ويو، ڳوٺاڻن جا هٿ مٿي تي اچي ويا. هرطرف تباهي ۽ بربادي جو روڄ راڙو شروع ٿي ويو.هاري ۽ زميندار پڪل فصل پاڻي هيٺ ڏسي اوڇنگارون ڏئي زارو زار آبپاشي عملدارن کي پٽيندا رهيا. سڄو علائقو تباھي جو منظر ڏيک ڏيڻ لڳو، جڏھن ته آبپاشي عملو ڳوٺاڻن جي فون اٽينڊ ڪرڻ تي به قاصررهيا. اتي موجود ڳوٺ ابراهيم چنه جي رهواسي ۽ ڳوٺ جي چڱي مرد خالد چنه صحافين کي ٻڌايو ته اسان مسلسل آپپاشي عملدارن کي فون تي اطلاع ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي مگر فون اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ڪوئي به تيار نه آھي. ڳوٺاڻن انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪري ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هڻي ٽائر ساڙي آبپاشي عملدارن خلاف سخت احتجاج ڪيو. اتي موجود اڳواڻن جو چوڻ ھو ته اسان جا گهر تباه ٿي ويا آھن ۽ تيار ٿيل فصل به پاڻي هيٺ اچي ويو آھي آخر اسان جو ڏوهه ڪهڙو آھي اسان غريب ۽ مسڪينن جو گذر سفر زمين جي فصل تي آھي جيڪو سڄو سال جي محنت ختم ڪري تباهه ۽ برباد ڪيو ويو آھي اسان جو مطالبو آھي ته جيستائين آبپاشي عملدارن مٿان ڪيس داخل نه ڪيو ويندو تيستائين ڌرڻو ختم نه ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو