جنيوا ڪانفرنس، آءِ ايم ايف وفد جي ڊار سان ملاقات متوقع

جنيوا ڪانفرنس، آءِ ايم ايف وفد جي ڊار سان ملاقات متوقع

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي ميزباني ۾ پاڪستاني ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪانفرنس اڄ جنيوا ۾ ٿي رهي آهي.رپورٽن مطابق جنيوا ڪانفرنس ۾ آءِ ايم ايف جي وفد جي پاڪستان جي ناڻي واري وزير سان سائيڊ لائن ملاقات جو امڪان آهي.آءِ ايم ايف جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني ناڻي واري وزير سان ملاقات ۾ تڪراري معاملن تي ڳالهيون اڳتي وڌڻ جو امڪان آهي.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ٻه ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف سان ڳالهه ٻولهه دوران ايم ڊي آءِ ايم ايف ٻوڏ جي آفت مان پائيدار بحالي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو