بجلي بلن خلاف تاجرن جي هڙتال، جماعت اسلامي جو احتجاج

ڪراچي(نمائندن وٽان) جماعت اسلامي ۽ تاجر تنظيمن جي اپيل تي مهانگائي ۽ خاص ڪري بجلي جي بلن ۾ حد کان وڌيڪ اضافي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج ۽ هڙتال جو سلسلو جاري آهي. ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ مارڪيٽ بند آهن، عام شهري، جماعت جا ڪارڪن ۽ تاجر احتجاجي مظاهرا به ڪري رهيا آهن، دوڪان بند آهن. ڪيترن ئي شهرن ۾ وڪيلن به بائيڪاٽ ڪيو آهي، ٽرانسپورٽ به متاثر ٿي آهي. عوامي احتجاج م ماڻهو بجلي جا بل ساڙي رهيا آهن. وڏي پيماني تي ماڻهو بجلي جي بلن م اصافي سبب پريشان آهن. لکين ماڻهو اهڙا آهن جن جي ماهوار آمدني کان به بجلي جا بل وڌيڪ رقم جا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو