جماعت اسلامي پنهنجي ٽائون انتظاميه جو احتساب ڪري: سعديه

جماعت اسلامي پنهنجي ٽائون انتظاميه جو احتساب ڪري: سعديه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد جو چوڻ آهي ته جماعت اسلامي جي قيادت کي پنهنجي ٽائون ايڊمنسٽريٽرن کي سندن غير اطمينان بخش ڪارڪردگي جو احتساب ڪرڻ گهرجي.اها ڳالهه سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منيم ظفر جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪندي چئي.هنن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ مڪاني ادارن وارو نظام مڪمل طور تي فعال ۽ بااختيار آهي، پنجاب ۾ لوڪل ڪائونسلون فعال ناهن، خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني ادارن جا نمائندا بي اختيار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو