اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي ڪابينا لاءِ مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي.ذريعن موجب نگران ڪابينا لاءِ لڳ ڀڳ سمورا نالا فائنل ٿي ويا آهن ۽ هاڻي رڳو حتمي مشاورت ٿي رهي آهي جنهن کانپوءِ نگران ڪابينا جو اعلان اڄ ٿي سگهي ٿو.ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران ڪابينا کي اڄ حتمي شڪل ڏني ويندي ۽ ڪابينا ميمبرن جي سڀاڻي قسم کڻڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب اطلاعات واري وزارت لاءِ نگران ڪابينا ۾ محمد علي دراني جو نالو شامل ناهي، پر اطلاعات واري وزارت دفاعي تجزيه نگار سيد محمد علي کي ڏيڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران ڪابينا ۾ پرڏيهي وزارت جي ذميواري اڳوڻي سفارتڪار جليل عباس جيلاني کي ڏيڻ جو امڪان آهي، جيڪو آمريڪا ۾ پاڪستان جو اڳوڻو سفير پڻ رهي چڪو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته سلطان علي الانا جو نالو گذريل ڏينهن نگران ناڻي واري وزير لاءِ فائنل ڪيو ويو هو پر سندس ٻٽي شهريت سبب نگران ناڻي واري وزير لاءِ وڌيڪ ٻن نالن تي غور ڪيو پيو وڃي، جن مان هڪ کي نگران ناڻي واري وزير جي ذميواري ڏني ويندي.ذريعن موجب نگران ناڻي واري وزير لاءِ اڳوڻي ناڻي واري وزير حفيظ شيخ ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر رضا باقر جي نالن تي غور نه ڪيو پيو وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران گهرو وزير لاءِ سرفراز بگٽي جو نالو سڀ کان وڌيڪ سامهون اچي رهيو آهي، جنهن جو هڪ سبب اهو به آهي ته هو اڳوڻو گهرو وزير آهي.
