جلباڻي ۽ ڪٽوهر برادرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ،اٺ ڄڻا مارجي ويا

جيڪب آباد (ن سنڌيار)  دودا پور ٿاڻي جي حد ۾ جلباڻي ۽ ڪٽوهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 8 ڄڻا مارجي ويا.پوليس موجب ڏوراهين ڳوٺ پنهور ڀٽي ۾ جلباڻي برادري جي هٿياربندن پراڻي دشمني جي آڌار تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ٻارن ۽ هڪ عورت سميت 6 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا. جنهن کان پوءِ ڪٽوهر برادري برادري جي ماڻهن قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ بدلو وٺڻ جي فائرنگ ڪري جلباڻي برادري جي ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موقعي تي پهچي لاشن کي تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب ڳوٺ ڪالوڪٽوهر ۾ هٿياربندن گهر تي حملي دوران انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي  جنهن جي نتيجي ۾  6 ڄڻا مارجي ويا. مارجي ويلن ۾ 50 سالن جو محمد بچل، غلام سرور، سندس زال مور زادي، هڪ سال جو عبدالجبار، ٽن سالن جو راجا خان ۽ پنج سالن جو شاهزيب ڪٽوهر شامل آهن. جڏهن ته ڪٽوهر برادري جي هٿياربندن پلاند ۾ شهدادڪوٽ جي ڳوٺ نور محمد جلباڻي تي ڪري فائرنگ ڪئي جنهن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا. مارجي ويلن ۾ ممتاز جلباڻي ۽ محمد بخش جلباڻي شامل آهن. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. جڏهن ته پوليس علائقي کي ڪڙو چارهي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو