جعلي دستاويزن تي آمريڪي ويزا وٺڻ جي ڪوشش ڪندڙ 3 جوابدار گرفتار

جعلي دستاويزن تي آمريڪي ويزا وٺڻ جي ڪوشش ڪندڙ 3 جوابدار گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آمريڪي نشاندهي تي ايف آءِ اي جي ڪراچي ۾ ڪارروائي، جعلي دستاويزن تي آمريڪي ويزا وٺڻ جي ڪوشش ڪندڙ 3 جوابدار گرفتار ڪيو ويو،ترجمان موجب ايف آءِ اي جي اينٽي هيومن اسمگلنگ سرڪل آمريڪي قونصل خاني جي نشاندهي تي فيصل آباد ۽ صوابي سان تعلق رکندڙ 3 جوابدارن محمد مقصود، عبدالله ۽ صفيان کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدارن پاڻ کي واپاري ۽ شاگرد ظاهر ڪري آمريڪي ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ جعلي دستاويز جمع ڪرايا،جوابدار مقصود ۽ عبدالله پاڻ کي نجي اسڪول جو شاگرد ظاهر ڪري ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته صفيان وري پاڻ کي نجي ڪمپني جو مالڪ ظاهر ڪندي ڪمپني جي رجسٽريشن ۽ ٽيڪس ادائگي جا تفصيل جمع ڪرايا ترجمان موجب ڄاڻايل ڪمپني جي مالڪ سان رابطو ڪيو ويو ته هن انڪشاف ڪيو ته صفيان جو ڪمپني سان ڪو تعلق ناهي، ترجمان موجب جوابدارن لاهور، پشاور ۽ سرگوڌا سان تعلق رکندڙ ايجنٽن فراز کيتران، محمد عمر ۽ حماد شيرازي کان 6 کان 7 هزار آمريڪي ڊالرن عيوض جعلي دستاويز حاصل ڪيا،هنن ايجنٽس کي 2 هزار آمريڪي ڊالر ايڊوانس ۾ به ڏنا

پهنجو تبصرو موڪليو