جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس، هڪ ملزم جيل حوالي ٻيو آزاد

اسلام آباد(اياز مهر) احتساب عدالت جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس سان لاڳاپيل ٻن جوابدارن جي ڌار ڌار رخواستن جي سماعت بعد هڪ کي جيل موڪلڻ ۽ ٻئي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. خورشيد انور جمالي نيب پاراب پلي بارگين هيٺ 10 ارب ڏيڻ کان انڪار ڪيو. نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته نيب هن کان 10 ڪروڙ گهريا آهن ۽ هو 5 ڪروڙ 70 لک ڏيڻ لاءِ تيارآهي، عدالت کيس 20 سيپٽمبر تائين جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو. نيب کيس مئي ۾ گرفتار ڪيو هو. ٻئي ڌار سماعت ۾ سنڌ بئنڪ جي ايگزيڪيٽو نائب صدر نديم الطاف عدالت ۾ وعده معاف گواهه بڻجڻ جي درخواست ڏني جيڪا عدالت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هن عدالت کي ٻڌايو ته مختلف ڪمپنين جي نالي تي زوري هن کان قرض منظور ڪرائي رقم نجي بئنڪ جي کاتي ۾ جمع ڪرائي وئي، قرض واپس نه ڪندڙ انهن ڪمپنين کي ڊيفالٽر ڊڪليئر نه ڪيو ويو ۽ سنڌ بينڪ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر بلال شيخ ۽ موجوده صدر طارق احسان کيس انهن ڪمپنين لاءِ نوان قرض منظور ڪرڻ لاءِ دٻاءَ وڌو. ياد رهي ته نيب هن کي جولاءِ ۾ گرفتار ڪيو هو. جعلي بينڪل اڪائونٽ ڪيس ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ۽ حسين لوائي سميت اهم ماڻهو گرفتار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو