جج وٽ ٻٽي شهريت سواليه نشان آهي؟ عدليه کي جواب ڏيڻو پوندو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته جج وٽ اها طاقت آهي جيڪا چونڊيل وزيراعظم کي گهر اماڻي سگهي ٿي، جج وٽ ٻٽي شهريت وڏو سواليه نشان آهي، عدليه کي ان جو جواب ڏيڻ گهرجي.پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڇا ٻٽي شهريت تي ڪوبه شخص قومي اسيمبلي جو ميمبر بڻجي سگهي ٿو؟ ڇا ٻٽي شهريت رکندڙ کي جج هجڻ گهرجي.هن الزام لڳايو ته غريب ماڻهو پئسا خرچ ڪرڻ کان سواءِ عدليه مان انصاف نٿو وٺي سگهي، ڪنهن ملڪ جي شهريت جي لاءِ ان جي آئين سان وفاداري جو حلف کڻايو ويندو آهي، ٻٽي شهريت تي اسيمبلي ميمبر کي گهر اماڻيو ويندو آهي.مصطفيٰ ڪمال چيو ته نوازشريف کي اقامو رکڻ ۽ پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي نااهل ڪيو ويو، جج صاحب جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي تفصيل ڏسي رهيا آهيون، ڏسي رهيا آهيون ته جج صاحب وٽ گرين ڪارڊ، گهر ڀاتين وٽ شهريت آهي.ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته پاڪستان ۾ عدليه ڪنهن مظلوم سان بيهڻ لاءِ تيار نه آهي، 70 سالن کان وياج جي لعنت خلاف ڪيترائي فيصلا آيا، شريعت جي عدالت وياج جي خلاف جائز فيصلو ڪيو، سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل هجڻ تي وياج جي خلاف فيصلو معطل ٿي ويو، وياج جي خلاف فيصلي تي ڪوبه سوموٽو ايڪشن نه ورتو ويو.هن چيو ته پاڪستان جا دشمن پاڪستان کي عراق، ليبيا، شام بنائڻ چاهين ٿا، جيڪڏهن هن ملڪ کي ڪنهن جوڙي رکيو آهي ته اها هٿياربند فوج آهي، اسان کي ائين لڳي رهيو آهي ته فوج کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، ائين لڳي رهيو آهي ته جوڊيشري ۽ فوج وچ ۾ جنگ هلي رهي آهي.ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته خط لکڻ، پوائنٽ اسڪورنگ جي بجاءِ معاملي کي افهام وتفهيم سان حل ٿيڻ گهرجي ٻئي صورت ۾ وڏو نقصان ٿيندو. عدليه جو احترام ڪريون ٿا، ڇا دشمن ملڪ جي چوڻ تي اهو سڀ ڪجهه ته نه ٿي رهيو آهي، اهڙي معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي.مصطفيٰ ڪمال وڌيڪ چيو ته هٿياربند فوج سڀني کان وڌيڪ قربانيون ڏئي رهي آهي، ملڪ ادارن وچ ۾ ڇڪتاڻ برداشت نٿو ڪري سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو